جنجهي غلام محمد

جنجهي غلام محمد

جنجهي غلام محمد

جنجهي، غلام محمد: غلام محمد جنجهي، ٿرپارڪر جو مشهور اديب، سگهڙ، شاعر ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. هن ٿرپارڪر جي هڪ وڏي ڳوٺ وڪڙيي ۾، محمد عثمان جنجهيءَ جي گهر ۾، 1921ع ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا اصل ۾ جيسلمير جا ڀاٽي هئا، جيڪي پهرين عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ کاروڙيي چارڻ ۾ اچي آباد ٿيا. بعد ۾ اتان لڏي مٺي تعلقي جي ڳوٺ وڪڙيي ۾ آيا. چون ٿا ته سندن وڏن فيروز شاهه تغلق جي وقت ۾ اسلام قبول ڪيو هو. غلام محمد جنجهي سنڌي ٻه درجا پڙهيا ۽ گجراتي ۽ هندي ۾ فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ ذاتي مطالعي جي آڌار تي مختلف علمن ۾ دسترس حاصل ڪئي، جن ۾ جاگرافي، تاريخ، اينٿراپالاجي، فلڪيات، ادب ۽ طب شامل آهن. هن هند سنڌ جي تمام گهڻن شهرن ۽ ماڳن جو سفري مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو، راڳداريءَ جي کيس وڏي ڄاڻ هئي. سنڌي، هندي، اردو، فارسي، ڍاٽڪي، پارڪري ۽ انگريزيءَ تي به دسترس رکندو هو. سنڌيءَ جون ٻئي لپيون (عربي ۽ ديوناگري) لکي ۽ پڙهي ڄاڻندو هو. شاعر به سٺو هو. هن 1934ع کان شاعري شروع ڪئي. سندس شاعري گهڻي ڀاڱي بيت، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنفن تي ٻڌل آهي. ڪيتريون ئي ڪافيون خاص انداز ۾ به لکيل اٿس. سرن تي ٻڌل ڪلامن/ ڪافين جي مٿان راڳڻين جا نالا به ڏنا اٿس، سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند نور احمد جنجهيءَ سندس ڪلام کي سهيڙي، ’ويجها ٿيا وصال کي‘ (2010ع) جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
غلام جنجهيءَ، جوانيءَ کان وٺي سياست ۾ حصو ورتو، ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلاميءَ سان مختلف وقتن تي هم خيال رهيو. قيام پاڪستان کان پوءِ مقامي سياست ۾ حصو وٺي علائقي جو ڪائونسلر ۽ چيئرمئن به چونڊيو ويو. مختلف قومي ۽ مقامي مسئلن تي ملڪ جي صدرن ۽ وزيرن سان خط و ڪتابت به ڪندو رهيو. هن غلام محمد ڀرڳڙي، مهاتما گانڌي، محمد علي جناح، پير غلام مجدد سرهندي، مولانا ابوالاعليٰ مودوديءَ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي شهيد سان ملاقاتون ڪيون. سندس زندگيءَ جو متو غريب ماڻهن جي بنا ڪنهن متبيد جي خدمت ڪرڻ هو. 18 جون 2010ع تي وفات ڪيائين. سندس ڪيترو نثري مواد سندس پونئيرن وٽ موجود آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو